انڊيا ائڪٽ

انڊيا ائڪٽ (ڪتاب ):گورنمينٽ آف انڊيا، پنهنجي رياستن جي لاءِ، جيڪي قاعدا قانون جوڙيندي هئي، اهي ”انڊيا ائڪٽ“ جي نالي سان منسوب ٿيندا هئا. اهي قاعدا قانون ملڪي نظام هلائڻ جي سلسلي ۾ هوندا هئا. ڪي ائڪٽ سڄي انڊيا لاءِ هوندا هئا ته ڪي جدا جدا رياستن لاءِ خاص ڪري سنڌ پرڳڻي جي لاءِ جيڪي قاعدا قانون ٺهندا هئا، اهي گورنمينٽ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپائي، سڀني محڪمن کي موڪليا ويندا هئا.
سال 1872ع کان وٺي گورنمنٽ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپيل انڊيا ائڪٽ هيٺ ڏجن ٿا:
سال 1872ع، ائڪٽ نمبر1: صفحا 120، قيمت هڪ رپيو. ڇاپو چوٿون، گورنمينٽ پريس، ڪراچيءَ مان 1945ع ۾ ڇپيو.
سال 1884ع، ائڪٽ نمبر 12: پوپ بي. اي جو لکيل، صفحا 4، قيمت هڪ آنو 3 پايون. ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1919ع ۾ ڇپيو.
سال 1894ع، ائڪٽ نمبر9: ڊبليو.ا يف. هڊسن جو لکيل، ڪرائون سائيز ۾ 44 صفحا، قيمت 3 آنا، ڇاپو ٻيو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان سال 1930ع ۾ ڇپيو.
سال 1916ع، ائڪٽ نمبر 15: ايس. ايڇ. ڪورنٽون جو لکيل، صفحا 3، قيمت هڪ آنو پهريون ڇاپو، ڪمشنرس پريس، ڪراچيءَ مان 1917ع ۾ ڇپيو. سال 1917ع، ائڪٽ نمبر 11: صفحا 3، قيمت هڪ آنو 3 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر جي پريس، ڪراچيءَ مان سال 1917ع ۾ ڇپيو.
سال 1917ع، ائڪٽ نمبر 18: صفحا 2، قيمت 2 آنا ٽي پايون ڇاپو پهريون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1917ع ۾ ڇپيو.
سال 1918ع، ائڪٽ نمبر2: قيمت هڪ آنو 9 پايون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1918ع ۾ ڇپيو.
سال 1918ع، ائڪٽ نمبر4: صفحا 3، گورنمينٽ پريس، ڪراچيءَ مان 1918ع ۾ ڇپيو.
سال 1918ع، ائڪٽ نمبر 13: صفحا 3، قيمت هڪ آنو 3 پايون، پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1918ع ۾ ڇپيو.
سال 1918ع، ائڪٽ نمبر14: صفحا 4، قيمت هڪ آنو 3 پايون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1918ع ۾ ڇپيو.
سال 1919ع، ائڪٽ نمبر 1: صفحا 3 ۽ قيمت هڪ آنو 3 پايون، ڄاڻايل آهن. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان سال 1919ع ۾ ڇپيو.
سال 1919ع، ائڪٽ نمبر2: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 3 پايون پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1912ع ڇپيو.
سال 1919ع، ائڪٽ نمبر 10: صفحا 22 ۽ قيمت ٽي آنا 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1919ع ۾ ڇپيو.
سال 1919ع، ائڪٽ نمبر 12: صفحا 8، قيمت هڪ آنو 9 پايون. پهريون ڇاپو، 1919ع ۾ ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1919ع ۾ ڇپيو.
سال 1919ع، ائڪٽ نمبر6: صفحا 3، قيمت هڪ آنو 3 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1919ع ۾ ڇپيو.
سال 1919ع، ائڪٽ نمبر 21: صفحا 3، قيمت هڪ آنو 3 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1919ع ۾ ڇپيو.
سال 1919ع، ائڪٽ نمبر 23: صفحا 6، قيمت هڪ آنو 9 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1919ع ۾ ڇپيو.
سال 1920ع، ائڪٽ نمبر 8: صفحا 4، قيمت هڪ آنو 9 پايون ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1920ع ۾ ڇپيو.
سال 1920ع، ائڪٽ نمبر14: صفحا 11، قيمت ٻه آنا 3 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان، 1920ع ۾ ڇپيو.
سال 1920ع، ائڪٽ نمبر 29: صفحا 4، قيمت هڪ آنو 3 پايون. ڇاپو پهريون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1920ع ۾ ڇپيو.
سال 1920ع، ائڪٽ نمبر 32: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 3 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1920ع ۾ ڇپيو.
سال 1920ع، ائڪٽ نمبر 39: صفحا 18، قيمت 3 آنا، پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1921ع ۾ ڇپيو.
سال 1920ع، ائڪٽ نمبر 48: صفحا 13، قيمت 2 آنا، پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان سال 1921ع ۾ ڇپيو.
سال 1921ع، ائڪٽ نمبر 12: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 2 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1921ع ۾ ڇپيو.
سال 1921ع، ائڪٽ نمبر13: صفحا 3، قيمت هڪ آنو 6 پايون. ڇاپو پهريون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1921ع ۾ ڇپيو.
سال 1922ع، ائڪٽ نمبر7: صفحا 27، قيمت 3 آنا 6 پايون. ڇاپو پهريون ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1922ع ۾ ڇپيو.
سال 1922ع، ائڪٽ نمبر 18: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1922ع ۾ ڇپيو.
سال 1923ع، ائڪٽ نمبر 19: صفحا 29، قيمت 4 آنا. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1923ع ۾ ڇپيو.
سال 1923ع، ائڪٽ نمبر 28: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1923ع ۾ ڇپيو.
سال 1923ع، ائڪٽ نمبر 36: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 6 پايون، پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1923ع ۾ ڇپيو.
سال 1923ع، ائڪٽ نمبر 41: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1923ع ۾ ڇپيو.
سال 1923ع، ائڪٽ نمبر 42: صفحا 16، قيمت 2 آنا. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1923ع ۾ ڇپيو.
سال 1924ع، ائڪٽ نمبر 1: صفحا 3، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1924ع ۾ ڇپيو.
سال 1924ع، ائڪٽ نمبر 3: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 6 پايون. ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1924ع ۾ ڇپيو.
سال 1924ع، ائڪٽ نمبر 9: صفحا 8، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1924ع ۾ ڇپيو.
سال 1924ع، ائڪٽ نمبر 14: صفحا 19، قيمت 2 آنا 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1924ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 4: صفحا 13، قيمت 2 آنا 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 6: صفحو 1، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر7: صفحا 7، قيمت هڪ آنو 6 پايون. ڇاپو پهريون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 10: صفحا 3، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 12: صفحا 15، قيمت 2 آنا. ڇاپو پهريون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 13: صفحا 13، قيمت 2 آنا 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 14: صفحا 8، قيمت هڪ آنو، 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 25: صفحا 2، قيمت هڪ آنو 3 پايون، پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1926ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 26: صفحا 7، قيمت 5 آنا 6 پايون. ڇاپو پهريون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1926ع ۾ ڇپيو.
سال 1925ع، ائڪٽ نمبر 37: صفحا 5، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1926ع ۾ ڇپيو.
سال 1926ع، ائڪٽ نمبر8: صفحا 4، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1927ع ۾ ڇپيو.
سال 1926ع، ائڪٽ نمبر 16: صفحا 32، قيمت 4 آنا، پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1927ع ۾ ڇپيو.
سال 1926ع، ائڪٽ نمبر 21: صفحا 4، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو. ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1927ع ۾ ڇپيو.
سال 1927ع، ائڪٽ نمبر 4: صفحا 7، قيمت 2 آنا. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1927ع ۾ ڇپيو.
سال 1928ع، ائڪٽ نمبر 5: صفحا 10، قيمت هڪ آنو 3 پايون، پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1928ع ۾ ڇپيو.
سال 1928ع ائڪٽ نمبر9: صفحا 15، قيمت 2 آنا 3 پايون. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1928ع ۾ ڇپيو.
سال 1929ع، ائڪٽ نمبر 6: صفحا 12، قيمت هڪ آنو. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1929ع ۾ ڇپيو.
سال 1929ع، ائڪٽ نمبر 10: صفحا 15، قيمت 2 آنا. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1929ع ۾ ڇپيو.
سال 1930ع، ائڪٽ نمبر 3: صفحا 56، قيمت 4 آنا. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1930ع ۾ ڇپيو.
سال 1930ع، ائڪٽ نمبر 30: صفحا 39، قيمت 2 آنا 6 پايون. ڇاپو پهريون، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1930ع ۾ ڇپيو.
سال 1930ع، ائڪٽ نمبر 24: صفحا 16، قيمت 2 آنا. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1931ع ۾ ڇپيو.
سال 1930ع، ائڪٽ نمبر 30: صفحا 5، قيمت هڪ آنو. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1931ع ۾ ڇپيو.
سال 1932ع، ائڪٽ نمبر 9: صفحا 63، قيمت 5 آنا. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1932ع ۾ ڇپيو.
سال 1932ع، ائڪٽ نمبر 23: صفحا 16، ڇاپو ۽ قيمت ڄاڻايل ناهي. ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1932ع ۾ ڇپيو.
سال 1933ع، ائڪٽ نمبر 15: صفحا 32، قيمت هڪ آنو 6 پايون. پهريون ڇاپو. ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان 1934ع ۾ ڇپيو.
سال 1944ع، ائڪٽ نمبر1: صفحا 34، قيمت 5 آنا، پهريون ڇاپو، ڪمشنر پريس ڪراچيءَ مان 1944ع ۾ ڇپيو .


لفظ انڊيا ائڪٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو